تنگواڻي: پوليس عورتاڻي آواز تي هرکيل همراهه کي اغوا کان بچائي ورتو

 

تنگواڻي(ويب ڊيسڪ) عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل سجاول جي ڳوٺاڻي کي پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.

ضلعي سجاول جي تعلقي جاتي ۾ ڪارروائي ڪندي سجاول جي رهواسي عورتاڻي آواز تي هرکجي پهتل غلام حسين اوٺو کي اغوا کان بچائي ورتو آهي.

تنگواڻي پوليس اطلاع ملندي ئي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ او جن ۾ ايس ايڇ او ڪرمپور حسين علي شاهاڻي، ايس ايڇ او غوثپور خليل احمد رند ۽ اسپيشل ٽيم پوليس اسٽيشن غوثپور جي حدن ۾ ناڪابندي ڪئي.

ڪارروائي دوران غلام حسين اوٺو کي اغوا کان بچايو ويو جيڪو عورتاڻي آواز تي هرکجي غوثپور پهتو هو.

شروعاتي رپورٽن موجب غلام حسين اوٺي کي تيغاڻي گروپ جي اغوا ڪارن عورتاڻي آواز تي گهرايو هو جتان کيس اغوا ڪيو وڃي ها پر پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي کيس اغوا کان بچائي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.