نيب چيئرمين جي آرڊيننس ذريعي واڌ قبول ناهي، رڳو انتقامي ڪاروايون ٿين ٿيون: احسن اقبال

 

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاق وزير احسن اقبال چيو آهي ته نارروال اسپورٽس سٽي ريفرنس هڪ لطيفي طور تي ياد رکيو ويندو.

هن چيو ته 6 اربن جي دعويٰ ڪندڙن کي خبر ناهي ته ان منصوبي تي اڍائي ارب خرچ ٿيا هئا.

سندس چوڻ هو ته نيب کي اهڙي قدم تي نوبل انعام ملڻ گهرجي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ناروا اسپورٽس سٽي معاملي تي ڪوڙي جاچ شروع ڪئي وئي.

جاچ ۾ چيو ويو هو ته پراجيڪٽ بارڊر کان 8 سئو ڪلوميٽر پري ٺاهيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته نيب جنهن فائل تي هٿ رکندو آهي ته سرڪاري آفيسر ان تي ڪم ناهي ڪندو.

نيب گردي ذريعي 35 آفيسرن کي حراسان ڪيو پيو وڃي.

احسن اقبال چيو ته ڪوڙا ڪيس عمران خان جي بدلي واري باهه وسائڻ لاءِ جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن، ملڪ ۾ ترقياتي بجيٽ بيهي وئي آهي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ترقياتي منصوبن جي پورائي لاءِ واڌو 2 هزار ارب گهربل آهن، اها منصوبا اڇا هاٿي بڻجي ويا آهن، نيب ٻڌائي ته منصوبن کي اڇو هاٿي بڻائڻ جو ذميوار ڪير آهي.

آئي پي سي جا وزير پنهنجي تڪ ۾ ڪروڙين رپين جا منصوبا وجهن آهن اهو ڏوهه ناهي؟ مان نارروال اسپورٽس سٽي ٺاهيو اهو ڏوهه ٿي پيو.

هن چيو ته نيب جي چيئرمين جو ڏاڍ رڳو سويلين ۽ سياستدانن تي هلندو آهي، نيب چيئرمين رڳو پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيو آهي. ان جي مدي ۾ رڳو هڪ مهينو وڃي بچيو آهي.

ٻڌو آهي ته ايوان صدر جي آرڊيننس فيڪٽري مان هڪ وڌيڪ آرڊيننس جاري ڪرايو پيو وڃي، نيب چيئرمين پڇاڻو ڪري ته ٻن مهينن ۾ 13 ارب رپين جي ڊيويليو ڪنهن ڪئي؟، ملڪ ۾ بجلي، گيس، دوائون ڪنهن مهانگيون ڪيون؟ ان جو جواب ناهي؟.

سندس چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي آرڊيننس ذريعي واڌ کي ن ليگ قبول نه ڪندي. نيب رڳو ڪوڙا ڪيس ٺاهي انتقام جو نشانو بڻائي پيو.

جيڪي ملڪ ۾ اپوزيشن سان ويهي ڳالهيون نٿا ڪري سگهن اهي طالبان کي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.