ڪراچي جي جناح اسپتال انتظاميا معذور پورهيت جو ڪَٽيل پير گم ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح اسپتال انتظاميا معذور پورهيت جو ڪَٽيل پير گم ڪري ڇڏيو.

ڪلفٽن انتظاميا جي ظلم جو شڪار عابد ڪَٽيل پير سان جناح اسپتال پهتو هو ۽ ڊاڪٽرن ڄنگهه کان ڌار ٿي ويندڙ پير کي ناڪارا قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن زخمي شخص جي پير کي ڇڏي آپريشن ۾ زخم سِبي ڇڏيو.

اسپتال مان ڊسچارج ڪرڻ تي گهرڀاتي عابد کي وٺي گهر روانا ٿيا، پوءِ ياد اچڻ تي عابد جي ماءُ پٽ جو ڪٽيل پير واپس وٺڻ اسپتال پهتي، مظلوم جي ماءُ پٽ جو ڪِٽيل پير گهريو ته اسپتال انتظاميا لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو.

انتظاميا چيو ته ڪٽيل پير ٻلي کڻي وئي آهي يا وري ڪچري ۾ هليو ويو هوندو، جنهن تي ان جي ماءُ وائڙي ٿي وئي ۽ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، ان باوجود اسپتال انتظاميا حرڪت ۾ نه آئي ۽ معذور پورهيت جي ماءُ دانهون ڪري واپس موٽي وئي.

واضح رهي ته ڪلفٽن جي مقامي انتظاميا ڀتو نه ڏيڻ تي عابد جي پير تي ٽريڪٽر چاڙهي ڇڏيو هو، ٽريڪٽر جي بليڊن ۾ اچي عابد جو پير وڍجي ڄنگهه کان ڌار ٿي ويو هو.

عابد ڪلفٽن سي ويو نشان حيدر چوڪ تي پاڻي وڪرو ڪري روزي ڪمائيندو هو ۽ معذور ٿي گهر ۾ پيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.