ڪرپٽ باپ جا پاپ، بلاول ٻلو آهي، سڄي سنڌ کائي ويو: فياض الحسن چوهاڻ حدون پار ڪري ڇڏيون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چوهاڻ پ پ تي تنقيد ڪندي اخلاق جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب دوري تي ردعمل ڏيندي پنهنجي بيان ۾ فياض الحسن چوهاڻ بلاول اهو ٻلو آهي، جيڪو سڄي سنڌ کائي ويو، بلاول جي ڪرپٽ ”باپ جا پاپ“ تاريخ جي ۾ ڪارن اکرن سان لکجي چڪا آهن.

هن چيو ته سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي جا داستان ٻچي ٻچي جي زبان تي آهن، بلاول ياد رکي ته ان جي رڳن ۾ ڀٽو جو نه پر مسٽر 10 پرسنٽ جي رت شامل آهي، سنڌ جي سند يافته ڦورن جي پنجاب ۾ ڌاڙو هڻڻ جي رٿابندي ڪامياب نه ٿيندي، ڏکڻ پنجاب جي باشعور عوام بلاول ۽ ان جي پارٽي کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته هر جاءِ تي ناڪامي کانپوءِ اهو لاڏلو ڏکڻ پنجاب مان به ناڪامي جو ميڊل سجائي واپس وڃي رهيو آهي، ڪرپٽ ماڻهن جي پنجاب جي سياست ۾ ڪا جاءِ ناهي، بلاول کي پنهنجي قد جي حساب سان ڳالهائڻ گهرجي.

فياض الحسن چيو ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خدمت جي سياست انهن کي کٽڪي ٿي، ن ليگ کان پِنندڙ ان لاڏلي جي ذهني حالت تي رحم اچي رهيو آهي، ن ليگ ۽ پ پ پنهنجي دورن ۾ ڏکڻ پنجاب جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو، اهي ماڻهن کي نعرن جو لالي پاپ ڏيندا رهيا، عثمان بوزدار ڏکڻ پنجاب جي عوام کي انهن جو حق ڏنو آهي.

واضح رهي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو فياض الحسن چوهاڻ اهڙي قسم جي ڪِريل بيان بازي ڪئي آهي، ان کان اڳ به نه رڳو هو پر تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ پڻ اپوزيشن جي بغض ۾ اخلاق جون سموريون حدون پار ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.