فيصلن جا پابند آهيون، قانون مٽائينداسين ته پوءِ تنقيد ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن وارو مسئلو قانون آهي.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران بيريسٽر مرتضيٰ وهاب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي مقامي حڪومت کان انڪار ناهي اسان اليڪشن ڪميشن کي دستاويز فراهم ڪنداسين.

مرتضيٰ وهاب چيو ته آئين واحد دستاويز ناهي، ان سان گڏ ٻيا به دستاويز اهم آهن.

هن چيو ته صوبن جي راءِ کي اهميت به ان ئي آئين ڏني آهي، مقامي حڪومت اليڪشن قانون موجب ئي ٿيندي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير سي سي آءِ ۾ اختلافي نوٽ جمع ڪرايو ته مردم شماري ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادي کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، سي سي آءِ ۾ اعتراض هجي ته معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ موڪليو ويندو آهي ۽ پارليامينٽ جو فيصلو ان حوالي سان حتمي هوندو آهي.

ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سي سي آءِ جو معاملو گڏيل اجلاس کي نه موڪلي ته آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته قومي اسيمبلي جي نااهلي جو ملبو سنڌ حڪومت تي نه وڌو وڃي، قانون جي ڀڃڪڙي نه اليڪشن ڪميشن نه سنڌ حڪومت ڪري سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حلقا بندي ڪئي وڃي ته وري ڇهن مهينن کانپوءِ اسپيڪر گڏيل اجلاس طلب ڪري وٺي ٿو.

سنڌ حڪومت پنهنجو ڪيس پيش ڪندي آهي ۽ گڏيل اجلاس چوي ته اها ڳالهه درست آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادي کي گهٽ ظاهر ڪيو ويو آهي.

جيڪڏهن اسان مردم شماري بابت قانون تبديل ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ گڏيل اجلاس ۾ وينداسين ته پوءِ چيو ويندو ته توهان ته قانون ئي مٽائي ڇڏيو آهي.

مردم شماري جو مسئلو هاڻي به جيئرو آهي، ڇو ته اهو پارليامينٽ جي سامهون موجود آهي، پارليامينٽ ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿو.

صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سي سي آءِ جو فيصلو حتمي نه هوندو، پارليامينٽ جو فيصلو حتمي هوندو. سنڌ واحد صوبو هو جنهن بلدياتي نظام کي مڪمل ٿيڻ ڏنو.

جيڪڏهن فالٽي مردم شماري تي مقامي حڪومت جي الڪيشن ڪرائجي ته پوءِ پارليامينٽ فيصلو ڪندي ته اهي نتيجا صحيح ناهن، پوءِ ڇا ٿيندو؟

هن چيو ته اسان قانون ۾ ترميم ته ڪري سگهون ٿا پر ان سان اسان جي موقف تي اثر پوندو.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به فيصلي کي قبول ڪرڻ جا پابند آهيون، اسان سنڌ ۾ مقامي حڪومت جو نظام هلايو هو.

پنهنجي ڪمٽمينٽ ڏسڻ چاهيان ٿو، اسان فيبروري مارچ تائين بلدياتي چونڊون ڪرائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.