ڄامشورو: سينڊوز روڊ واري علائقي جي رهواسي جو سهري جي زيادتين خلاف احتجاج

ڄامشورو ۾ سينڊوز  روڊ  واري علائقي جي رهواسي سڪندر علي چانڊيو ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته منهنجو ويڳو سهرو منور عباسي جيڪو لاڙڪاڻي ۾ هاء ڪورٽ جو سرڪاري وڪيل آهي ان گهرو اڻبت تان منهنجي گهرواري ۽ ٻن ٻارڙن کي زبردستي مون الڳ ڪيو آهي ۽ منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ لاء پنهنجي ونگاري کي اڳيان ڪندي 90 هزار روپين جي ڏيتي ليتي جو بهانو ڄاڻائي سينڊوز روڊ تي قائم هن جي  3 جاين تي قبضو ڪيو آهي ۽ هن گذريل ڏينهن ساڳي ئي ونگاري دوستن جي مدد سان  15 کان وڌيڪ هٿياربند هن جي شوروم تي موڪليا جن سندس غير موجودگي ۾ هڪ ملازم امجد خاصخيلي کي گارگند ۽ مارڪٽ ڪرڻ کانپوء شوروم ۾ پيل ضروري دستاويز ۽ گاڏين جا ڪاغذ ڦاڙي شوروم کي پنهنجا تالا هڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا ، هن   وڌيڪ چيو ته هن جو  ويڳو سهرو هن کان هن جي گهرواري, 2 ٻارڙا سليم ۽ اسري’ ڌار ڪيا آهن ،

هن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري هن کي تحفظ ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.