هالا: گرلز ڪاليج ۾ يوم دفاع جي سلسلي ۾ شاندار تقريب،ٽيبلوز پيش، ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي

گرلز ڪاليج  هالا ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب ڪوٺاِئي وئي، تقريب تعليم کاتي جي آفيسرن، والدين، ڪاليج جي اسٽاف سميت شاگردياڻين تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڪاليج جي سينيئر پروفيسر طارق سعيد پاران لڳايل هڪ وڏي اسڪرين ذريعي ڪاليج جي شاگردياڻين سميت شريڪ مهمانن کي ملڪ جي دفاع خاطر دشمنن سان جنگ جوٽيندڙ فوجي جوانن جي قرباني تي ٺاهيل هڪ  ڊاڪومينٽري ڏيکاري ويئي، ان دوران هال ۾ ويٺل شاگردياڻين، شريڪ مهمانن پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد جا زوردار ٽڪر نعره پڻ هنيا. جڏهن ته ڪاليج جي شاگردياڻين صبا شاهه، اقراء، مہوش مصباح، ۽  منيزه، فزا يوم دفاع جي حوالي سان  تقريرون ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا، تقريب کي خطاب ڪندي گرلزڪاليج هالا جي پرنسيپال آپا نگهت سيما شاهه چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ ملڪ دشمن عناصرن خلاف پوري ملڪ جيان هالا جون نياڻيون ۽ عورتون پاڪ فوج سان هردم گڏ هوندي ملڪ تي ميري اک رکندڙ خلاف هڪ آواز هونديون ، تقريب جي آخر ۾ ڪاليج جي پرنيسپال آپا نگهت سيما شاهه بهترين ڪارڪردگي تي مختلف شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.