سڳيون: ملاح برادري پاران بااثرن جي حملي ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو

سڳيون ۾ ملاح برادري پاران بااثرن جي حملي ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف  ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظآهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي شهرين صدورو ملاح ،فياض علي ملاح، عبدالرزاق ملاح ،غوث بخش ملاح، ۽ٻين ٻڌايو ته  گذريل رات دير سان اختيار ملاح.،بادل ملاح ۽ ٻين ٽيهن  کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ تي  بنا جواز حملو ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ،  گهرڌڻين  ۽ پاڙي وارن جي مزاحمت  تي هٿياربند فرار ٿي ويا جڏهن ته اهڙي رپورٽ سوڀوديرو ۽ سڳيون پوليس وٽ پڻ داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو آهي ،  اسان کي خدشو آهي ته ساڳيا ماڻهو ڪنهن به وقت ٻيهر حملو ڪري سگهن ٿا، هنن وس وارن آء جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏنو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.