نوابشاهه: نائين کان ٻارهين درجي جي شاگردن کي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ سينٽر جو افتتاح

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور هاءِ اسڪول نواب شاھه ۾ نائين کان ٻارهين درجي جي شاگردن کي ڪرونا کان بچاءِ جي ويڪسين لڳائڻ لاءِ سينٽر جو افتتاح ڪيو،  ان موقعي تي ڪوٺايل  تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪورنا وائرس کان بچاءَ  احتياط ۽ ويڪسي نيشن سان ئي ممڪن آهي،  ان لاءِ ضلعي جو عوام ڪرونا کان بچاءِ جي ويڪسين ضرور ڪرائي ته جئين زندگي جو وهنوار ٻيهر بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي جاري رهي سگهي،  هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب اڳ ۾ ئي اسان جي تعليم ڪافي متاثر ٿي چڪي آهي،  ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران اسڪولي شاگردن کي ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تحت ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ پڻ اڄ کان اسڪولي شاگردن کي ويڪسين لڳائڻ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته  ضلعي جي 35 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي ويڪسين لڳائي ويندي ، ڊپٽي ڪمشنر والدين کي اپيل ڪئي ته هو پاڻ ۽ سندن نائين کان 12 درجي  ۾ پڙهندڙ پنهنجي اولاد کي ويڪيسن ضرور لڳرائين ته جئين انهن کي هن موذي وائرس کان بچائي سگهجي ۽  سندن تعليم جاري رهي سگهي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قربان علي راهو چيو ته سنڌ حڪومت جي مليل هدايتن تحت اڄ کان ضلعي اندر شاگردن کي ويڪسين لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.