ميرپور ماٿيلو ۾ خالد خان لنڊ جي صدارت ۾ پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جي اهم گڏجاڻي

ميمبر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي مير خالد احمد خان لنڊ جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جي اهم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾  ڪورونا وائرس جي پيش نظر احتياطي تبديرن طور آئسوليشن ۾ هجڻ سبب ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر آن لائين شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ۽ ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي انتطامي عملدارن سميت اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو پڻ شريڪ هو. ان موقعي تي ميمبر قومي اسيمبلي مير خالد احمد خان لنڊ خطاب ڪندي چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل فنڊن تحت جلد از جلد ترقياتي ڪم شروع ڪرايا وڃن ته جيئن هتان جي ماڻهن کي لاڀ حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته ضلعي گهوٽڪي جا اڪثر روڊ تباه ٿيل آهن انڪري سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب تباه ٿيل روڊن تي تعمير جي حوالي سان غور ڪيو ويندو جڏهن ته عوام کي صحت، تعليم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم اولين ترجيح هوندي. گڏجاڻي دوران ميمبر قومي اسيمبلي سردار محمد بخش خان مهر آن لائين گفتگو ڪندي چيو ته ضلعي جي عوام جا بنيادي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، ڊپٽي ڪمنشنر محمد عثمان عبدﷲ خطاب ڪندي چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل فنڊ تحت ضلعي جي اسپتالن کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ هر هڪ ديهه ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ سميت ضلعي جي ذهين ۽ مستحق شاگردن کي مستقل بنيادن تي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ جون تجويزون غور هيٺ آهن ان موقعي تي ڪاميٽي پاران اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته 10 ڏينهن بعد ٻيهر گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.