سڄي ملڪ ۾ بچاءَ جو ڏهارو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ بچاءَ جو ڏهارو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

بچاءَ ڏهاڙي جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون رٿيون ويون ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ڏينهن جي شروعات اسلام آباد ۾ 31، جڏهن ته صوبائي تخت گاهن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿي.

ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي جي تندرست ڪيڊٽس گارڊ جا فرض سنڀاليا.

نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي پروقار تقريب ٿي، جتي ملڪ جي استحڪام ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي يادگار تي گُل رکيا ۽ شهيدن جي پونيئرن سان ملاقات ڪئي.

هوڏانهن بچاءَ ڏهاڙي جي مک تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن ۾ صدر عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا سميت سول ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.

جي ايڇ ڪيو ۾ مک تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي ۽ شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪندي ترانا پيش ڪيا ويا.

تقريب ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، شهيدن، غازين ۽ حاضر سروس توڙي رٽائرڊ آفيسرن، انهن جي گهر ڀاتين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.