12 مئي سانحو: 65 ڪيس ٻيهر کولڻ جي درخواست تي ايڊيشنل آءِ جي مهلت گهري ورتي

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 مئي 2007 واري سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت 65 ڪيس ٻيهر کولڻ ۽ جاچ بابت سيد اقبال ڪاظمي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر علي حيدر سليم عدالت ۾ پيش ٿيو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڪيس ۾ اڳڀرائي لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي.

عدالت کي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته خبر پئي آهي ته درخواست گذار فوت ٿي چڪو آهي.

جنهن تي عدالت لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان اقبال ڪاظمي جو فوتي سرٽيفڪيٽ طلب ڪري ورتو.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته عدالت گهرو کاتي کي سمورا ڪيس ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ان سان گڏ عدالت اي ڪلاس قرار ڏنل ڪيسن جي اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪئي آهي.

عدالت سانحي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.