ٽيم کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ آصف علي جي شموليت ضروري هئي: شوقينن جا تبصرا

 

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جي اعلان کانپوءِ ڪرڪيٽ شوقين آپي کان ٻاهر ٿي ويا ۽ ٽيم مئنيجمينٽ تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن.

چيف سليڪٽر محمد وسيم اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف به اها ئي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي.

هن ٻڌايو ته عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان (نائب ڪپتان)، محمد حفيظ، اعظم خان، آصف علي، صهيب مقصود، خوشدل شاهه، محمد رضوان، عماد وسيم، محمد نواز، حسن علي، محمد حسنين، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، شاهين آفريدي شامل آهن، جڏهن ته ورلڊ ڪپ لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد، سينيئر فاسٽ بالر وهاب رياض، تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ هارڊ هٽر اوپنر شرجيل خان کي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

عالمي ڪپ لاءِ سينيئر رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ناڪام مڊل آرڊر بيٽسمينن کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي ڪرڪيٽ شوقين نه رڳو چيف سليڪٽر محمد وسيم کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن پر گڏوگڏ پي سي بي جي نئين چيئرمين رميز راجا تي به ڏمرجي پيا آهن.

شوقين سوشل ميڊيا تي خوشدل شاهه، آصف علي ۽ اعظم خان جي شموليت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اهڙن رانديگرن جي ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊ سمجهه کان ٻاهر آهي.

ڪرڪيٽ شوقينن تجربي ڪار مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ کي ڊراپ ڪرڻ تي به حيرت جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو سرفراز احمد کي شامل نه ڪرڻ تي به افسوس جو اظهار پي ڪن.

ٽيم مئنيجمينٽ تي تنقيد ڪندي ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ته سڀ سفارشي ڪرڪيٽر کنيا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٽوڪ ڪندي چئي رهيا آهن ته ٽيم کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ آصف علي ۽ خوشدل شاهه جهڙن رانديگرن جي شموليت ضروري هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.