وفاقي نااهلي، سنڌ يونيورسٽي انٽرنيٽ کان محروم، شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل

 

ڄامشورو(ويب ڊيسڪ) سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽرنيٽ جي سروس معطل ٿي وئي آهي، جنهن تي يونيورسٽي جي ترجمان انٽرنيٽ جي اهڙي معطلي جو ذميوار ايڇ اِي سِي کي ڄاڻايو آهي.

ان حوالي سان هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي انتظاميا پاران سنڌ يونيورسٽيءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪندي گرانٽ ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪرڻ سبب بلن جي ادائگي نه ٿيڻ ڪري سڄي يونيورسٽيءَ جي انٽرنيٽ سروس معطل ٿي ويئي.

انٽرنيٽ سروس جي معطليءَ سان 17 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي آن لائين تعليم مڪمل طور تي بند ٿي ويئي آهي.

يونيورسٽي ترجمان نادر علي مغيري مطابق انٽرنيٽ سروس جي معطليءَ سبب يونيورسٽيءَ جي ايل ايم ايس سروس، امتحاني نظام، فنانس ونگ، بئنڪن مان فين جي ڪليڪشن ۽ ڪاليج سائيڊ جي داخلائون وارو سسٽم درهم برهم ٿي ويو آهي.

پڌرائي ۾ ترجمان چيو آهي ته ايڇ اي سي اسلام آباد جي انتظاميا جي هوڏ سبب سنڌ يونيورسٽي هن وقت سخت مالي بحران جو شڪار آهي.

جڏهن ته آن تعليم ۽ تحقيق به تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽيءَ کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ايڇ اي سي اسلام آباد جي انتظاميا کان جون 2021ع ۾ اسپيشل گرانٽ جي مد ۾ 500 ملين رپيا ڏيڻ جي درخواست ڪئي ۽ اها درخواست جڏهن وفاقي ناڻي وزارت وٽ پهتي ته سفارش باوجود رقم جاري نه ڪئي ويئي.

ترجمان موجب ايڇ اي سي اسلام آباد جي انتظاميا پاران مال سال 20-2019 ۾ 1978 ملين، 21-2020 ۾ 10 سيڪڙو وڌائڻ بجاءِ ڪٽوتي ڪري 1947 ملين ۽ 22-2021 ۾ صرف 1849 ملين رپيا جاري ڪيا ويا، ان سان بحران وڌيو آهي ۽ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلات ميڻ اضافو ٿيو آهي.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ڪووڊ-19جي ڪري شاگردن کي فين لاءِ وڌيڪ تنگ نه ڪيو ويو ۽ کين سندن سهولت لاءِ قسطون ڪري ڏنيون ويون، جنهن ڪري سال 2021ع جي فين جي مد ۾ 30 ڪروڙ رپيا جمع نه ٿي سگهيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ سبب سنڌ يونيورسٽيءَ تي ساليانو 43 ڪروڙ رپين جو مالي بار وڌندو. پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي باوجود يونيورسٽيءَ جي بجيٽ ۾ هر سال ڪٽوتي ٿي رهي آهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ سان وڏي ناانصافي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته جولاءِ 2021ع کان وڌيڪ 20 سيڪڙو پگهار ۽ پينشن اڃا تائين يونيورسٽيءَ جي ملازمن کي ناهي ڏني ويئي ۽ بار بار جي رابطن باوجود ايڇ اي سي اسلام آباد جي انتظاميا جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته ايڇ اي سي اسلام آباد پنهنجي آرڊيننس جي آرٽيڪل 18 ايڇ کي به پٺي ڏيئي ڇڏي، جنهن تحت ڪميشن بحران جي ور چڙهيل يونيورسٽين کي مالي سهائتا ڪرڻ جي پابند آهي.

هن هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد کان پرزور مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي فوري طور تي 500 ملن رپين جي خصوصي گرانٽ ڏني وڃي ته يونيورسٽيءَ مٿان رهيل بقايائن جي ادائيگي ڪري سگهجي ۽ انٽرنيٽ سروس بحال ڪري 17 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي آن لائين تعليم کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچائي سگهجي. ترجمان موجب يونيورسٽي انتظاميا سنڌ حڪومت کان به يونيورسٽي ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ تعليم جاري رکڻ لاءِ خصوصي پئڪيج جي درخواست ڪئي آهي.

ڄاڻايل پئڪيج ڏيڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ ڪردار ادا ڪري ته جيئن سنڌ يونيورسٽي کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسپيشل پئڪيج نه ڏنو ته يونيورسٽيءَ ۾ هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ سروسز جي فراهمي ۽ اضافي ڪئمپسز ۾ ٽيچنگ جو عمل پڻ شديد متاثر ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.