پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جو شاگردن جي ويڪسينيشن بابت اهم فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي سربراهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪورونا ويڪسينيشن بابت اهم فيصلو ڪري ورتو.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت اڄ کان سڄي صوبي جي اسڪولن ۾ ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان سلسلي ۾ والدين جي رضامندي به لازمي قرار ڏني وئي آهي.

سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي کانپوءِ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي سربراهن جو ويڪسين مهم تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سربراهن طرفان 17 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ويڪسين  ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته ويڪسينيشن لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي عمر جو خيال رکيو وڃي ۽ رڳو راضپو ظاهر ڪندڙ والدين جي ٻارن جي ئي ويڪسينيشن ڪئي وڃي، ويڪسينيشن لاءِ والدين کان انهن جي رضامندي جو فارم ورتو ويندو.

فيصلي موجب ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ٽيم اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ويڪسينيشن ڪندي، جڏهن ته هر شاگرد کي شروعاتي ميڊيڪل ايگزيمينيشن کانپوءِ ئي ويڪسين ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.