سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ مڪاني چونڊن بابت ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيسنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال چيو ته لڳي ٿو صوبائي حڪومت ايندڙ 18 مهينن تائين چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي، صوبائي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته اسان کي نقشا ۽ ڊيٽا ڏني وڃي ته جيئن اليڪشن ڪميشن تڪبندي ڪرائي چونڊون ڪرائي.

ان تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي مقامي حڪومتن جي چونڊن کان انڪار ناهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چئي ٿي ته ڪرائي ٿا ڇڏيون، اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ کي چئي ته گڏيل اجلاس گهرائي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ناقص مردم شماري جي حوالي سان اپيل جو فيصلو ڪري.

هن چيو ته جيڪڏهن ناقص مردم شماري تي چونڊون ڪرايون وڃن ۽ پوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس فيصلو ڪري ته مردم شماري جا نتيجا درست ناهن پوءِ ڇا ٿيندو؟ پارليامينٽ ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿ.

مرتضيٰ وهاب جي وضاحت تي ڊي جي لا محمد ارشد چيو ته اليڪشن ڪميشن مردم شماري جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ اپيل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو انتظار نٿي ڪري سگهي.

ان تي مرتضيٰ وهاب چيو ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم اچي ويو ته عمل جا پابند آهيون، اسان ٽائم لائن ڏئي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت ڀڄي نه پئي، ڇو ته اسان چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا.

ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن جو جيڪو فيصلو ٿيندو، اهو سڀني صوبن تي لاڳو هوندو.

پوءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.