مصباح ۽ وقار عهدا ڇو ڇڏيا؟ اندرين ڪهاڻي وائکي

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بولنگ ڪوچ وقار يونس جي عهدا ڇڏڻ جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مصباح الحق جي اڄ پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ وسيم خان مصباح الحق کي نيوزيلينڊ سيريز ۾ آرام ڪرڻ جو چيو جڏهن ته ان دوران مصباح ۽ وسيم خان ۾ بحث به ٿيو.

ذريعن ٻڌايو ته مصباح الحق نيوزيلينڊ سيريز ۾ ڪوچنگ ڪرڻ جو خواهشمند هو ۽ کيس ٽيم جي چونڊ تي به خدشا هئا، اهو اعظم خان جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي سخت خلاف هو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سليڪشن ۽ بورڊ جي رويي تي مصباح جا دڳ الڳ ٿيا.

ٻئي طرفان ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وقار يونس کان استعيفيٰ گهري.

واضح رهي ته مصباح الحق ۽ وقار يونس کي سيپٽمبر 2019 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ترتيب وار هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.

هاڻي ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق نيوزي لينڊ جي خلاف هوم سيريز ۾ عبوري ڪوچن جي حيثيت سان ذميواريون نڀائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.