اسان بدعنواني خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون: وزيراعظم

 

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اربين ڊالر چوري ڪندڙ قانون جي حڪمراني نٿا چاهين، تنهن ڪري حڪومت تي حملا پيا ڪن.

نٿيا گلي ۾ عالمي هوٽل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڪراچي جا ماڻهو دبئي وڃي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڏيڻا آهن.

هن چيو ته اسان جي جنگ ڪرپٽ نظام خلاف آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري ناهي ايندي، بدعنواني پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوصلا شڪني ڪندي آهي، ان سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته سياحت جي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.