ايران جي طالبان تي سخت تنقيد

 

تهران (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان ۾ عملداري کانپوءِ پنجشير وادي ۾ سخت مزاحمت کي منهن ڏنو پر هاڻ طالبان دعويٰ ڪري رهيا آهن ته انهن جي ويڙهاڪن وادي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

هوڏانهن پنجشير وادي ۾ قومي مزاحمتي فرنٽ جو چوڻ آهي ته ان جا ويڙهاڪ به حڪمت عملي جي حوالي سان اهم محاذن تي موجود آهن ۽ مزاحمت جو سلسلو جاري رهندو.

اهڙي صورتحال ۾ ايران به ميدان تي اچي ويو آهي ۽ ان پهريون ڀيرو طالبان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ايران طالبان طرفان پنجشير وادي ۾ عسڪري آپريشن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ايران جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجشير مان وصول ٿيندڙ خبرون انتهائي پريشان ڪندڙ آهن.

واضح رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي عملداري کانپوءِ ايران طرفان پهريون ڀيرو طالبان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.