بچاءَ واري ڏهاڙي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾تقريبون، ريليون ، شهيدن جي مزارن تي حاضريون

پاڪستان جي بچاءَ واري ڏهاڙي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي، شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڏئي  ، ريليون ڪڍي پاڪستاني فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، عادلپور  ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي شهيد فوجي جوان ابوبڪر پٽ عبدالرزاق دايو ۽ شاهنواز جي جي مزارن تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهي کين سلامي پيش ڪئي وئي ۽ سندن قبرن مٿان قومي جهنڊو ڦڙڪايو ، مٺي_اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻاراچ وٽ 1971ع دوران شهيد ٿيلن جي يادگار تي حاضري ڏني ويئي،يادگار تي گُلن جي ورکا ڪئي ويئي،اُنهي سلسلي ۾ ٽي ايس او جي سربراھ ماما وشن ٿري،تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڪرشن شرما،ڊي ايس پي مٺي ايوب درس،سماجي ڪارڪن ولي نهڙيو،ڪلديپ پارواڻي،عبدالغني بجير سميت شهيدن جي وارثن،سياسي سماجي اڳواڻن،صحافين،اسڪولي شاگردن شرڪت ڪئي، گهوٽڪي۾ 6 سيپٽمبر  يوم دفا جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو , ملڪ جي دفاع ۾ شهيد ٿيل جوانن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو، , ان حوالي سان گهوٽڪي جي مختلف اسڪولن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون  , جڏهن ته فوجي جوانن سان گڏ غزالي ماڊل اسڪول پاران اسڪول جي پرنسپل محمد حسن کوسو ۽ اسڪولي شاگردن پاران ملڪ جي دشمنن سان وڙهندي شهيد ٿيل گهوٽڪي جي فوجي جوانن شهيد سپاهي رفيق احمد سومرو شهيد امان الله ڪولاچي , شهيد سعيد احمد , شهيد طالب حسين , شهيد گلزار احمد جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي سلامي پيش ڪئي وئي،  قمبر ۾ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد نبي کوسو جي سربراهي ۾ يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول قمبر کان وايا ڀٽو چوڪ کان قمبر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ضلعي جي مختلف ادارن جي آفيسرن، سول سوسائٽي، سياسي سماجي، استادن اسڪولي ٻارڙن سان گڏو گڏ اسڪائوٽس ۽ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾  شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد ڪشمير بني  گا پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا  هنيا ،  ڪوٽڙي ۾ به  يوم دفاع ڀرپور جوش ۽جذبي سان ملهايو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن (ر ) فريدالدين مصطفيٰ شهيد فوجي امجد علي کهاوڙ جي گھر پھچي ان جي والدہ کي تحفا پيش ڪيا ، يوم دفاع جي سلسلي  ۾  شھيد ٿيل پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء انڊس پبلڪ سوشل فورم تعلقي دوڙ  ۾ ممتاز علي،  عبدالستار، غلام مجتبي ، مجيب عالم ڪيريو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاھ چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي،  ڪوٽ غلام محمد ۾ سمنز فائونڊيشن پاران 6سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان بابر خاصخيلي .اعجاز شيخ, عادل ساند , ڪامريڊ رازو مل ,الطاف سھتو, ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ ۾ گورنمينٽ محمد بخش ڄامڙو اسڪول ۾ ھڪ پر وقار تقريب ڪوٺائي وئي،  تقريب کي اسڪول جي ھيڊماستر استاد لطف علي سھتو، سينئر صحافي ڪشور ڪمار  سميت استادن ۽ شاگردن خطاب ڪيو ، ڪشمور ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ڪنڌڪوٽ بخشاپور بڊاڻي گڊو سان تعلق رکندڙ  جيئي سنڌ قومي محاذ جي 30 ڪارڪنن 6 سيپٽمبر يوم دفاع تي جسقم کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙن سبحان، رئيس احمد، شھزاد علي مرتضيٰ چاچڙ راشد حسين ، مهتاب علي عمران ڀٽو ۽ ٻين قومي پرچم ھٿن ۾ کڻي پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳائيندي جسقم کي الوداع ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.