وينا ملڪ 7 سالن کانپوءِ تصديق ڪري ڇڏي

 

اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ تڪراري بيانن جي ڪري خبرن ۾ گهڻو وقت رهي آهي.

وينا ملڪ 2002 کان وٺي 2014 تائين اداڪاري ۾ مصروف نظر آئي، هن نه رڳو پاڪستاني پر ڪيترن ئي ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

وينا ملڪ 2013 ۾ اسد خٽڪ سان شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ ڪجهه وقت شوبز کان پري رهي هئي، جنهن بعد 2017 ۾ ان جي ۽ سندس مڙس جي طلاق ٿي وئي هئي.

اداڪارا جا 2 ٻار آهن جيڪي هن وقت ساڻس گڏ پاڪستان ۾ آهن ۽ ٻارن جي حوالگي جي حوالي سان اداڪارا ۽ ان جي اڳوڻي مڙس ۾ عدالتي جنگ هلندڙ آهي.

وينا ملڪ کي گذريل 7 سالن کان ڪنهن به فلم يا ڊرامي ۾ ناهي ڏٺو ويو، جيتوڻيڪ انکي ٽي وي تي ميزباني ڪندي يا مهمان طور پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي ڏٺو ويو آهي.

ان حوالي سان وينا ملڪ هاڻي تصديق ڪئي آهي ته هوءَ جلدي اسڪرين تي اچڻ لاءِ تيار آهي.

وينا ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ جلد اسٽرينگ ويب سائيٽ اردو فلڪس جي سياسي ۽ سماجي مسئلي تي ٻڌل سيريز ۾ نظر ايندي.

اداڪارا چيو آهي ته مزاحيا انداز ۾ سياست ۽ سماجي حالتن تي ٻڌل ويب سيريز جي ڪهاڻي ناليواري مزاحيا ليکڪ ڊاڪٽر محمد يونس بٽ لکي آهي.

هن موجب اهو منصوبو اڳ ۾ ڪنهن ٻئي چينل ۽ پروگرام جي لاءِ جوڙيو ويو هو پر هاڻي انکي اردو فلڪس جي لاءِ بڻايو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل سيريز کانسواءِ به ڪجهه وڌيڪ اهم منصوبا به جلد شروع ٿيندا پر هن انهن بابت ڪا به ڄاڻ فراهم نه ڪئي.

وينا ملڪ جو چوڻ هو ته هن ڪجهه ريئلٽي شو جون آڇون به رد ڪيون پر هن اهو واضح نه ڪيو ته کيس انهن شوز جي آڇ پاڪستان مان ٿي يا ملڪ کان ٻاهران ٿي

اداڪارا سيريز بابت وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته سيريز ۾ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي مزاحيا ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ سامهون آندو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.