ڪورونا وبا: ڪراچي ۽ حيدرآباد جي انتظاميا کي هنگامي خط

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي هنگامي خط جاري ڪري ڇڏيو.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ وفاق توڙي سنڌ حڪومت طرفان سخت قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ اڄ کان ڪراچي جي تعليمي اداران ۾ شاگردن لاءِ ويڪسينيشن جو عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح گهٽجي 7 کان 8 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ هاڻ سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي هنگامي خط لکندي چيو آهي ته اين سي او سي جي هدايتن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ پبلڪ پليسز تي ماسڪ جو استعمال يقيني بڻايو وڃي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلز، ريسٽورنٽس، شادي هالز، بازارن، مالز ۽ پارڪس ۾ ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

خط موجب پبلڪ ايرياز ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهي مفت ۾ ماسڪ ورهايا وڃن ۽ ماسڪ جي استعمال تي عمل لاءِ ٽيمون جوڙيون وڃن.

گهرو کاتي طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته ماسڪ پائڻ جي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ بئنرن ۽ اعلانن ذريعي مهم هلائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.