طالبان اڳوڻن افغان فوجين کي نئين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان اڳوڻن افغان فوجين کي نئين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته فوج جا اڳوڻا سپاهي ٻيهر ملڪي فوج جو حصو بڻجي وڃن.

هن چيو ته گذريل 20 سالن دوران تربيت يافته فورسز کي طالبان ميمبرن سان گڏ سيڪيورٽي ادارن ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ جو چيو آهي.

گڏوگڏ طالبان ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن طالبان ويڙهاڪن خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

مجاهد جي بقول حڪومت سازي جون تياريون به حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ جلد پهريون عبوري نظام متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.