شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا قبضي ۾ وٺڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

نيب ن ليگ صدر شهباز شريف جي ڌيءَ رابعا عمران ۽ ناٺي علي عمران يوسف جا اثاثا قبضي ۾ وٺڻ جي ڪارروائي شروع ڪندي ان حوالي سان رجسٽريشن اٿارٽيز کي خط به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب نيب ايڪسائز پنجاب، ڪو آپريٽو کاتي، اسٽيٽ بئنڪ، ايس اي سي پي، ايل ڊي اي ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي خط جاري ڪيا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته علي عمران ۽ رابعا عمران جي نالي تي موجود گاڏين، پلاٽن، رهائشي گهرن ۽ ڪمرشل ملڪيت جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سموري ملڪيت ۽ اثاثن جي تفصيلن جي فهرست مڪمل ٿيڻ تي قبضي جي ڪارروائي شروع ڪندو.

واضح رهي ته احتساب عدالت جوابدارن جي مسلسل غير حاضري تي کين مفرور قرار ڏيندي اثاثا قبضي ۾ وٺڻ جون هدايتون ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.