دنيا جو محفوظ ترين اينڊرائيڊ سمارٽ فون ڪٿان ملي سگهندو؟

جرمني جي ڪمپني نائٽرو ڪي دنيا جو محفوظ ترين اينڊرائيڊفون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

متعارف ڪرائي ويندڙ ڊوائيس کي نائٽرو فون 1 جو نالو ڏنو ويو آهي.

نائٽرو فون 1 ۾ سيڪيورٽي، پرائيويسي ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ هارڊويئر جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

اهو هارڊويئر گوگل پڪسل 4 اي مان ورتو ويو آهي جڏهن ته فون ۾ گرافين او ايس آپريٽنگ سسٽم انسٽال آهي جنهن ان کي دنيا جو محفوظ ترين اينڊرائيڊ سمارٽ فون بڻائي ڇڏيو آهي.

گرافين او ايس اهڙو اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم آهي جيڪو پروفيشنلز جي لاءِ او ايس ڊيزائن ڪيو ويو آهي ۽ ان جي مدد سان فون کي گوگل کانسواءِ به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

نائٽرو جو مقصد ماڻهن جي ذاتي ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ آهي جيڪا مضبوط انڪرپشن ۽ ٽائٽن ايم سيڪيورٽي چپ سان ٻڌل آهي جيڪا ڊوائيس ۽ ڊيٽا کي هيڪرز جي حملن کان محفوظ بڻائيندا آهن.

ويريفائيڊ بوٿ ذريعي اهو به يقيني بڻايو ويو آهي ته آپريٽنگ سسٽم کي موڊيفائيڊ نه ڪري سگهجي، هڪ آٽوميٽڪ ڪِل سوئچ ۽ پن لي آئوٽ اسڪريمبلنگ جهڙا فيچر موجود آهن.

فون ۾ ڪلائوڊ يا گوگل پي سروسز بائي ڊيفالٽ موجود ناهن ۽ ضرورت پوڻ تي واهپيدار کي اوريجنل گوگل پلي سروس کي انسٽال ڪرڻو پوندو.

فون ۾ ايپس آئي ايم اي آئي ۽ سيريل نمبر، سم ڪارڊ سيريل نمبر، سبسڪرائيبر آئي ڊي تائين نه ٿيون پهچي سگهن جڏهن ته ايڪٽيو ڪيميرا، مائيڪرو فون ۽ لوڪيشن جي لاءِ بائي ڊيفالٽ انڊيڪٽر موجود ناهن.

ان فون ۾ 5.81 ان جو فل ايڇ ڊي پلس ڊسپلي موجود آهي جڏهن ته اسنيپ ڊراگون 730 جي پراسيسر ڏنو ويو آهي.

فون ۾ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته پٺيان کان 12.2 ميگا پڪسل ڪيميرا موجود آهي.

ان فون کي عام مارڪيٽ ۾ وڪري جي لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو پر ڪمپني جي ويب سائيٽ تي انکي خريد ڪري سگهجي ٿو.

ان فون جي قيمت 630 يورو تائين رکڻ جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.