کهڙا: تعليمي ماهر مرحوم استاد شھداد علي شر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

کهڙا ۾ تعليمي ماهر مرحوم استاد شھداد علي شر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي سندس تعليمي خدمتن تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي. استاد شھداد شر يادگار ڪاميٽي طرفان مخدوم شھيد عبدالرحمان لائيبريري ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي مخدوم نديم احمد هاشمي. تعليمي ماهر استاد منظور علي گلال. استاد حليم الله سومري. استاد صدرالدين شيخ. اصغرلاشاري. عبدالرزاق اڄڻ. ڪليم الله خلجي ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته استاد شھداد علي شر جون تعليمي خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن ، هو هڪ بهترين استاد،  تعليمي ماهر هڪ ايماندار. فرض شناس استاد هو. انهن چيو ته شھداد شر اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو پر روحاني طور گڏ آھي جڏھن ته استاد شھداد شر جي روح کي ايثال ثواب لاء قل شريف پڙھي دعا پڻ گهري وئي،  تعزيتي ميڙاڪي ۾ مختيار شيخ. زاهد شر. عبدالحڪيم شر. ڪشور ڪمار. نديم علي مغل. ايم اشرف آرائين ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن. صحافين. استادن وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.