غوثپور پوليس نوجوان کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

غوثپور پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي جديد ٽيڪنالاجي موبائيل فون ٽريسنگ ذريعي جاتي سجاول جي رھواسي نوجوان غلام حسين اوٺو کي مبينا طور اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.

نوجوان کي تيغاڻي گينگ جي اغوا ڪارن دوکي سان گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو.

پوليس موجب ايس ايس ايڇ خليل احمد رند ناڪابندي ڪري ڳڙهي لاڙي وٽ نوجوان کي روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. نوجوان کي واپس سجاول موڪليو ويندو ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.