نوابشاھ: هر حال ۾ سنڌ جي مالڪي ڪندا رهنداسين،سنڌ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران نوابشاھ ۾ زبردست جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ننڍن وڏن شھرن قاضي احمد، دولت پور، سانگھڙ، دوڙ، سڪرنڊ، ڄام صاحب، ٻانڌي ۽ ٻين شھرن مان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قافلن جي صورت ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو تہ بحريا ٽائون اڳيان لڳل ڌرڻي ۾ بحريا ٽائون انتظاميہ ھٿ سان گيٽ کي باھ ڏني ھئي جنھن جو ڪوڙو ڪيس اسان سميت اسان جي ھزارين ڪارڪنن مٿان داخل ڪيو ويو ۽ اسان جي ڪارڪنن تي سخت تشدد ڪيو ھنن چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ دشمن منصوبا ٺاھي سنڌ سان غداري جو ثبوت ڏنو آھي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آھي، ھنن چيو تہ جيستائين سنڌ جو ھڪڙو بہ حلالي پُٽ زندھ آھي تيستائين سنڌ جي مالڪي ٿيندي رھندي ھنن چيو تہ تازو نوابشاھ ۾ مھراڻ ھاءِ تي رينجرز پمپ وٽ پ پ جي ڪارڪنن اسان جي ڪارڪنن تي سخت تشدد ڪيو پر پوليس پ پ جي ونگار وھندي حملي آورن خلاف ڪو بہ قدم نہ کنيو، ھنن چيو تہ انھي جھيڙي جو ڪوڙو ڪيس اسان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيو ويو ھنن چيو تہ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ حيدرآباد مان انھي ڪيس جي ضمانت ڪرائي واپس اچي رھيا ھئا تہ رستي ۾ انھن کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.