نٿيا گلي پهچندي ئي علي زيدي جي طبعيت ناساز ٿي وئي

 

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي جي نٿيا گلي پهچندي ئي طبعيت بگڙي وئي، جنهن سبب کيس فوري طور آڪسيجن سپورٽ ڏني وئي.

گلوڪار ۽ اداڪار فخر عالم وفاقي وزير علي زيدي جي آڪسيجن سپورٽ جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته اسان هٿيا گلي پهتاسين، جتي منهنجي دوست علي زيدي جي طبعيت بگڙي وئي ۽ ان جي آڪسيجن سيچوريشن انتهائي گهٽ ٿيڻ لڳي.

سندس چوڻ هو ته اسان تقريبن 7 هزار 4500 فٽ اوچائي تي آهيون ۽ ٻه ڀيرا ڪورونا جو شڪار ٿيندڙ علي زيدي جا ڦڦڙ هاڻ اڳ جهڙا ناهن رهيا.

جواب ۾ علي زيدي ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته منهنجي آڪسيجن سيچوريشن (رت ۾ آڪسيجن جي مقدار) 78 سيڪڙو تائين ڪِري پئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.