ڪراچي ۾ هڪ ٻيو سسٽم برسات وسائڻ لاءِ تيار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تازو پيل برساتن کانپوءِ روڊن ۽ علائقن مان اڃا پاڻي نڪتو ئي نه هو ته موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ تيز برساتن وارو سسٽم ختم ته ٿي ويو پر ان باوجود موسميات کاتي نار بنگال ۾ برسات وسائيندڙ هوا جي هڪ ٻئي گهٽ دٻاءَ جي سسٽم جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب نار بنگال ۾ برسات وسائيندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ جُڙي ويو آهي، هوا جي گهٽ دٻاءَ جو رُخ اولهه ڏانهن آهي.

هن ٻڌايو ته سسٽم جا اثر سنڌ ۽ ملڪ جي اتر علائقن ۾ نظر اچي سگهن ٿا، 9 کان 10 سيپٽمبر دوران ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي ۽ 10 سيپٽمبر کانپوءِ هڪ ٻيو گهٽ دٻاءُ نار بنگال ۾ ٺهي سگهي ٿو، جنهن جي سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گِهم جهڙي رهڻ جو امڪان آهي، ان دوران گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي پر 8 سيپٽمبر جي صبح ۽ رات ۾ ڪڻ ڪڻ ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.