مصباح الحق ۽ وقار يونس ڪوچنگ جا عهدا ڇڏي ڏنا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا طرفان پي سي بي چيئرمين جو عهدو سنڀاليندي ئي وڏيون تبديليون سامهون آيون آهن ۽ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس عهدا ڇڏي ڏنا آهن.

مصباح الحق ۽ وقار يونس کي سيپٽمبر 2019 ۾ ترتيب وار قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.

ان حوالي سان مصباح الحق چيو ته جميڪا ۾ قرنطينه دوران مان پنهنجي 24 مهينن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو، ڄاڻان ٿو ته هي آئڊيل وقت ناهي پر في الحال اهڙي ڪنهن فريم آف مائينڊ ۾ ناهيان ته ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهان، پنهنجي گهرڀاتين سان وقت گذارڻ چاهيان ٿو.

هوڏانهن وقار يونس چيو مصباح پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته مان به عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي نوجوان بالرن سان ڪم ڪرڻ تي ڏاڍو مطمئن آهيان.

ٻئي پاسي پي سي بي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته بورڊ مصباح الحق جي فيصلي جو احترام ڪري ٿو، جڏهن ته وقار يونس به جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا.

سندس موجب اسان ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق کي عبوري ڪوچن جي حيثيت سان نيوزيلينڊ سيريز لاءِ مقرر ڪيو آهي، آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.