ڊاڪٽر ۽ نينگر جا قاتل گرفتار ڪريو، ٺل ۾ احتجاج

ٺل ( ن ع آ )  ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس وٽ 11 مهينا اڳ بجلي جي تار لڳائڻ تان گهنڃا ۽ نوناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ نوناري برادري،شهرين ۽ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين پاران روڊ بلاڪ ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو،عبدالرزاق سرواڻ لاشاري،مفتي نظام الدين بنگلاڻي،عبدالصمد نوناري،بشير نوناري ۽ ٻين چيو ته 11 مهينا اڳ بجلي جي تار لڳائڻ تان گهنڃا برادري جي جوابدارن پاران فائرنگ ڪري عطائي ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي کي قتل ڪري ڇڏيو پر افسوس جو هن مهل تائين ٻنهي مقتولن جي خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو،پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدار پوليس کان ڏاڍا بڻيل آهن ،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.