پيرڳوٺ ۾ جوابدار جو ويڳي ماءُ تي ڪهاڙين سان حملو

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ) پيرجوڳوٺ جي ڪوٽ دينل شاھ ڪالوني ۾ وحشي جوابدار ويڳي ماء صاحب خاتون کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته ڪهاڙي لڳڻ ڪري عورت جي هڪ ڇاتي ڪٽجي وئي آهي. جنهن کي رتورت حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ عورت صاحب خاتون راهوجو جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ويٺل هئس ته سندس ويڳي پٽ عبدالجبار راهوجو بناجواز ڪهاڙين سان حملو ڪري مونکي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻئي پيرڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس بروقت ڪاروائي ڪري جوابدار عبدالجبار راهوجو کي ڪهاڙي ۽ پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ زخمي عورت جي مڙس جمال الدين  پٽ مريد حسين راهوجو ۽ ڌيئرن ااحتجاج ڪندي چيو ته عبدالجبار ملڪيت خاطر سڀني گهر ڀاتين کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو کيس ماما ۽ سندس جا چاچا ان جي پشت پناهي ڪري رهيا آهن انهن ئي کيس هٿيار ڏنا آهن اسان کي خدشو آهي ته هو اسان کي قتل ڪري ڇڏيندو هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس .آء جي سنڌ کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي .آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.