جوهي جي شاخن کي پاڻي نه مليو،آبادگارن جو ٽنڊو رحيم ۾ ڌرڻو، نعريبازي

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي جي پڇڙي جي شاخن ۾ زرعي پاڻي تي ڌاڙو برقرار جوهي جي آبادگارن جي حمايت ۾ ٽنڊور حيم خان ۾ آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو جوهي مان موٽر سائيڪلن جيپن ۽ مختلف سوارين وسيلي ڌرڻي ۾ شموليت مڇريل آبادگارن سڪندر جمالي, ميهر گاڏھي ,طارق جمالي ,خان محمد رودناڻي , عالم خان جنگواڻي , غفار جنگواڻي ,اعجاز جنگواڻي ,۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجن هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ان موقع تي آبادگار اڳواڻن پنهنجي گڏيل خطاب ۾ الزام هنيو آھي ته جوهي برانچ جي منڍ جي سياسي کاتيدارن جو قبضو هئڻ ڪري جوهي جون 8 پان وڌيڪ شاخن جا هزارين ايڪڙ سڙي سڪي رهيا آھن ايري گيشن جي انجنيئر ايس ڊي او ۽ ٻئي راشي عملي جي فرمائشي مقرري سبب جوهي تعلقي اندر زرعي پاڻي بند ڪري منڍ تي آبادي ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته اسان آبادگارن جو واحد ذريعو آبادي تي آھي جيڪو سالن کان زرعي پاڻي تي قبضو هئڻ ڪري اسان آبادگارن جي گهرن ۾ فاڪه ڪشي آھي چونڊيل نمائنده پاڻي چوري ۾ سڌا ملوث آھن ۽ پاڻي چورن جا مضبوط سهولتڪار هئڻ ڪري انهن پاڻي چورن خلاف ڪاب ڪاتوائي عمل ۾ نٿي آندي وڃي آخر ۾ ھنن اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته جيسيتائين جوهي برانچ جي پڇڙي تائين زرعي پاڻي فراهم نه ڪيو ويندو اوسيتائين آبادگارن جي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف تحريڪ جاري رهندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.