سوڀوديرو پوليس جي ڪارروائي، 2 چور سوگهار، هيئروئن به هٿ

سوڀو ديرو (ن ع آ) سوڀوديرو پوليس اڍائي مھينا اڳ سوڀوديرو شھر جي شاھي بازار مان جميل پيرزادو جي موبائل ڪميونڪيشن جي دڪان جي ڇت ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويندڙ جوابدارن عبدالرزاق ملاح ۽ درمحمد درو ملاح کي اڄ سوڀوديرو ٿاڻي جي اي ايس آء محمد ڇٽل ڀيلار وڏي تعداد ۾ ھيروئن جي پڙين سميت گرفتار ڪري ورتو شھري رٽائرڊ استاد محمد ايوب پيرزادو چيو  ته رزاق ملاح پٽ خيرمحمد ۽ سندس ڀاء عاشق ۽ ٻيا گھر ڀاتي وڏي عرصي کان سوڀوديرو شھر ۾ ھيروئن ۽ ٻيو نشو ھلائيندا آھن جنھن سبب نوجوان نسل تباھ ۽ برباد ٿي چڪو آھي ھيروئن جا عادي موالي پئسا نه ھجڻ سبب ڏوھي وارڌاتون پڻ ڪندا دروملاح ۽ رزاق ملاح جي گينگ آھي جيڪي چوريون ڪري فرار ٿي ويندا ھيا جيڪي اڄ سوڀوديرو پوليس جي ور چڙھي ويا

 ٽنڊو مستي ۾ ڳوٺاڻن جو  پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ) ٽنڊومستي پريس ڪلب آڏو ٽنڊومستي جي ڳوٺ مير محمد وساڻ جي ڳوٺاڻن مزمل حسين وساڻ زاهد حسين منڱريو عبدالحميد وساڻ. روشن علي ڦلپوٽو. نثار احمد ٿيٻو فقير عبدالرزاق وساڻ ۽ ٻين صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ بلڊر عبدالرزاق اڄڻ. سڪندر علي مرکنڊ. پوليس اهلڪار اعظم لاڙڪ جيڪو پاڻ کي ايس ايڇ او ته وري ڪڏهن ايس پي سڏائيندو آهي انهن اسان کي ٽي سال اڳ گمبٽ پپري روڊ تي پندرهن سو فوٽ جو پلاٽ وڪرو ڪري ڏنو آهي جتي  اسان جي رهائش به ٿيل آهي هيئر اهي بلڊر مافيا اسان کي پنهنجي پلاٽ تان لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪوڙا ڊراما ڪري رهيا آهن جڏهن ته انهن اسان کي اڳ به ڪيترائي ڪوڙا چيڪ به ڏنا آهن ان معاملي جو فيصلو به ٿي ويو جنهن ۾  اهي ماڻهو ڪوڙا ثابت ٿيا آهن پو۽ به بااثر بلڊر مافيا طاقت جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن ان موقعي تي مظاهرين ايس ايس پي خيرپور. ڊي سي خيرپور. ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.