باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏياريو، سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

باڊهه (ن ع آ ) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ  تعلقي موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي، ڪراچي لاءِ ڪنوينر سينيئر صحافي عبدالحميد ناز سومرو، زيب ساريو ۽ قادر بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، دودو ديشي، اصغر نوناري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  ڪنوينر علي محمد بروهي خطاب ڪندي چيو ته باڊهه جا شهري گذريل اڍائي سالن کان وٺي مسلسل روڊن تي بيهي پنهنجو پگهر وهائي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ حڪمرانن کي باڊهه کي تعلقو ٺاهڻ وارا سندن پنهنجا ئي واعدا ياد ڏياري رهيا آهن پر حڪمران اقتدار جي ٿڌن ايوانن ۾ ويهي خاموشي سان تماشو ڏسي رهيا آهن، جيڪو عمل ناقابلِ برداشت آهي. هن چيو ته حڪمران باڊهه تعلقي موومينٽ جي تحريڪ کي ختم ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا هلائي رهيا آهن جيڪا هنن جي ڀُل آهي. باڊهه تعلقه موومينٽ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رکندي ۽ جيڪڏهن حڪمرانن باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري نه ڪيو ته ايندڙ اليڪشن مهم دؤران باڊهه جو عوام کين ووٽن بدران ٽماٽن ۽ انڊن سان استقبال ڪندو. باڊهه تعلقه موومينٽ لاءِ ڪراچي جيِ ڪنوينر سينيئر صحافي حميد ناز سومرو ،زيب علي ساريو، ڪامريڊ قادر بروهي، عزيز بروهي ۽ ايڊووڪيٽ سراج احمد سومرو خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.