پيرڳوٺ ويجهو مبينا مقابلو، ٻه موٽر سائيڪلون هٿ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ ڪچي جي نرين واري هنڌ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو آهي. جڏهن ته هٿياربند پوليس پاران گهيرو تنگ ڏسي ڦر ٿيل ٻه موٽر ائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ پيرڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون،  جن جو پيڇو ڪيوسين ته مقابلو ٿي پيو جنهن هٿياربند ڏوهاري گهيرو تنگ ڏسي ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.

ميان صاحب ۾ڏيتي ليتي تان جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ ڳڙھي سيد ۾ کٽياڻ ۽ شر سنوڪر گيم تي پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جي معاملي تان وڙھي پيا لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب علي خان کٽياڻ ، شاھ محمد کٽياڻ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ميان صاحب ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي جي 8 ڄڻن خلاف اين سيز داخل ڪيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.