ڳوٺ مان لڏو کڻو، ٽنڊومستي ۾ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف عورتن ۽ ٻارن سميت ڌرڻو

ٽنڊومستي (ن ع آ) ٽنڊومستي لڳ ڪوٽڏيجي تعلقه جي ڪنب ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بھار خان چانڊيو جي رهواسي ڳوٺاڻن مردن عورتن ٻارڙن سميت برادري جي بااثر ماڻهن پاران ڪوڙا ڪيس ڪري سندن کي ڳوٺ مان

لڏائي گهرن مٿان ناجائز قبضو ڪرڻ خلاف ٽنڊومستي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ صاحب خان چانڊيو، شاهن علي چانڊيو، رشيده خاتون  ننڌڙن ٻارڙن سميت ٽنڊومستي ۾ صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته ڏيڍ مهينو اڳ ڳوٺ جي بااثرن جو نوجوان ذاتي دشمني تحت قتل ٿي ويو هو انهن جون اڳ ۾ به  اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ جون ڪوششون هلنديون هيون ۽ اسان کي ڪيترائي ڀيرا تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو هيئر بااثر   محمد پنڃيل خان  , ڏنل خان چانڊيو ,  بنگل خان  ,حاڪم علي. غلام, زاھد حسين. ديدار  چانڊيو ۽ ٻين  انهن نوجوان جي قتل واري موقعي جو ناجائز فائدو وٺي نوجوان جي خون جو ڪوڙو ڪيس اسان جي وڏن جبل ۽ هوت خان مٿان داخل ڪرائي اسان مٿان تشدد ڪري اسان جي گهرن مٿان قبضو ڪري گهرن اندر پيل سڄي زندگي جي ڪمائي کڻي ويا آهن ۽ اسان کي ڳوٺ مان لڏائي دربدر ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. جڏهن ته هنن جي نوجوان جو قتل سرعام ڏينهن ڏٺي جو مئين اسٽاپ تي ڪيو ويو هيو جنهن سان اسان ڪو به تعلق نه آهي تنهنجي باوجود بااثرن اسان جي گهرن مٿان قبضو ڪرڻ لا۽ اسان کي ناحق خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن ايس ايس پي خيرپور. ڊي آئي جي سکر. آ۽ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪري ٿو ته نوٽيس وٺي ان معاملي جي اڻ ڌري انڪوائري ڪرائي اسان مٿان داخل ڪوڙي ڪيس کي ختم ڪري اسان جي اباڻي ڳوٺ اندر بااثرن پاران گهرن مٿان ٿيل قبضو ختم ڪرائي گهرن جي اندران ڦر لٽ ٿيل سامان واپس ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.