ميان صاحب ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ، ٺل واسي 4 ڄڻا زخمي ،شڪارپور اسپتال منتقل ، تفصيل موجب : ميان صاحب ڀرسان شڪارپور جيڪب آباد قومي شاهراهہ سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد پي ايس او پئٽرول پمپ لاڙي وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٺل تعلقي جي ميرپور ٻرڙو واسي گلزار پٽ محمود ٻرڙو امام الدين ٻرڙو ۽ امام الدين ٻرڙو جي گهرواري سخت زخمي ٿي پئي جن کي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لکي مان جوابدار گرفتار،گٽڪو هٿ

لکي غلام شاھه (ت ر) لکي غلام شاھ لڳ جهان خان پوليس جي ڪارروائي گٽڪو سپاريون هٿ ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو اڄ لکي جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو،(رپورٽ موجب) لکي غلام شاھ لڳ جهان خان ٿاڻي جي حد ۾ جهان خان ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد احمد بلالي ڳجهي اطلاع تي جهان خان چوڪ تي ڇاپو هڻي نشي واريون سوپاريون ويڪرو ڪرڻ دوران سکر واسي ملڪ محمد عمران کي  گرفتار ڪري سندس وٽان 20 نشي واريون گٽڪو جا بنڊل سپاريون هٿ ڪري ورتيون آهن ۽ جوابدار مٿان جهان خان ٿاڻي تي نذير احمد جي فرياد تي ڪيس داخل پڻ ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار کي لاڪب ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اڄ لکي جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.