شاگرد جي قتل خلاف بهارو شهر ۾ شٽربند هڙتال، ٽائرن کي باهيون

بهارو(ن ع آ) پيرڳوٺ شهر ۾ 8 ڏينهن اڳ جوابدارن پاران نائين ڪلاس جي شاگرد محمد صديق آريجو کي جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل خلاف بهارو ۾ آريجا براديء ۽ سول سوسائٽيء  پاران شٽر بند هڙتال. ٽائرن کي باهيون. احتجاجي مظاهرو  قاتلن ۽ خيرپور پوليس خلاف سخت نعري بازي.خبر موجب گذريل 8 ڏينهن اڳ پيرڳوٺ شهر ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن وحشي صفت جوابدرن عبدالزاق خاصخيلي۽ مبين خاصخيلي نائين ڪلاس جي شاگرد محمد صديق آريجو کي گهران سڏي جنسي زيادتي ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل خلاف بهارو جي آريجا برادري جي گل آريجو.حاجي وزير آريجو. قدم آريجو عبدالرشيد جاگيراڻي. استاد علي گل کهڙو ۽ نثار ابڙو جي اڳواڻي ۾ بهارو ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن ۽ خيرپور ۽ پير ڳوٺ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڇيو ته ايس ايڇ او پيرجو ڳوٺ امير چانگ سفاڪ قاتلن کان ڳري رقم وٺي اسآن جي معصوم نينگر جو خون لوڙهڻ ڄاهي ٿو. خيرپور پوليس بيگناهه شهيد ڪيل نينگر جي قتل جي ايف آء آر ۾ دهشتگردي جا قلم شآمل ڪرڻ بجاء قاتلن کي رليف ڏيڻ ۾ لڳيي وئي آهي چيف جسٽس آف پاڪستان. آء جي سنڌ. ڊي آء جي سکر ۽ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪريون ٿا ته شهيد ڪيل نينگر محمد صديق اريجو جي قاتلن کي ڦاهي جي سزا ڏياري خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪرپٽ ايس ايڇ او امير چانگ خلاف ڪارروائي ڪري معصوم نينگر جي والدين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ آر پي او آفيس سکر اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.