خيرپور مان دڪان تان 7 لک چوري، ا حتجاج

خيرپور (ڊ ر ) انجمن تاجران خيرپور جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ابو عبدالطيف شيخ پريس ڪلب خيرپور پھچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات دير سان منھنجي يوريا ڀاڻ جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل سيف مان ست لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن ھن چيو ھي ٻئي واردات ٿئي آھي پنجھٽي جي دڪاندارن سان پوليس خاموشي جو روزو رکي ڇڏيو آھي خيرپور شھر جو امن امان ختم ٿي چڪو آهي ڪڏھن موٽرسائيڪل تہ ڪڏھن ڌاڙا فوريون روزاني جو معمول بڻجي ويو آهي ھن چيو جڏھن کان ايس ايس پي خيرپور ۾ آيو آھي ان ڏينھن کان بدامني وڌي وئي آهي ھن ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏھن شھرين جون چوريون ،فورن ڌاڙا بند نه ڪرائيا ويا ته اسان انجمن تاجران جي پليٽ فارم تان پوليس خلاف ھڪ تحريڪ ھلائينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.