ڳڙهي حسن ۾ واڳون گهرن ۾ ڪاهي پيو، عورتن ۽ ٻارڙن ۾ رڙيون

ڳڙهي حسن (ن ع آ) ڳڙهي حسن ڀرسان ڳوٺ دلمراد کوسو ۾ خطرناڪ واڳون گهرن ۾ ڪاهي پيو،واڳون گهرن ۾ داخل ٿيو ته گهر ۾ موجود ٻارن ۽ عورتن واڳون کي ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳا،رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي ڪري واڳون کي ڏنڊا ۽ گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي،ڳوٺاڻن ٻڌايو ته  تلائن ۽ پاڻي جي کڏن ۾ واڳون رهن ٿا،جنهن سبب سڄو علائقو خوف ۾ ورتل آهي،خطرناڪ واڳون جي ڪري ڪم ڪار نه ٿا ڪريون،گهرن تي پهرو پڻ ڏئي رهيا آهيون، ڳوٺاڻن وائليڊ لائف کاتي کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته واڳن کي پڪڙي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو وڃي،جيئن جاني نقصان کان بچي سگهون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.