مديجي لڳ سوزوڪي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، لاڙڪاڻي واسي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) مديجي ڀرسان تيز رفتار سوزوڪي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر، لاڙڪاڻي واسي ٻن ٻارن جو نوجوان پيءُ فوت ۽ سندس دوست زخمي ٿي پيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه مديجي ڀرسان ڳائيجا روڊ تي تيز رفتار سوزڪي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار لاڙڪاڻي شهر جي ڦل روڊ واسي 4 ٻارن جو پيءُ وحيد سومرو ۽ سندس دوست بشير اوڏ سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران وحيد سوومرو فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته فوتي وحيد سومرو پنهنجي دوست سان گڏجي موٽرسائيڪل تي سکر ويو هو جتان لاڙڪاڻي واپسي تي مديجي ڀرسان ڳائيجا روڊ تي وحيد فوت ۽ سندس دوست بشير اوڏ زخمي ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.