چمبڙ لڳ ناري گهرو پريشانين تان خودڪشي ڪري ڇڏي

چمبڙ (ت ر) چمبڙ جي ديهھ ڇن بيراح جي ڳوٺ غلام شبير اوٺو ۾ شادي شدہ 22 ورھين جي ناري ھيري زال ڀائو چند ڪولھي سندس ڪچي مٽي جي ٺاھيل گھر جي گارڊر ۾ رسو ٻڌي ڳچي ۾ ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. مريد موري واسي فوتڻ ناري جي پيءُ روپو ڪولھي ٻڌايو ته 9 مھينا اڳ مون پنھنجي نياڻي ھيري کي پنھنجي مائٽ ڪرمشي جي پٽ ڀائو چند کي پرڻائي ڏنم نياڻي ڪانوڙي واري عيد تي اسان وٽ گھمڻ آئي ۽ ان حوالي سان نياڻي اسان کي ڪا بہ شڪايت وغيرہ نه ڪئي. 4 ڏينھن ٿيا نياڻي پنھنجي  مڙس سان گڏجي پنھنجي گھر ويا ۽ اڄ سندس گھر جي گارڊر ۾ رسو ٻڌي سندس ڳچي ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.