عطاءُ الله مينگل سڄي زندگي جدوجهد ۾گذاري: دودو ديشي

وڍ (پ ر ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي بلوچ قومپرست اڳواڻ عطا اللہ مينگل جي لاڏاڻي تي نهايت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن پٽ اختر جان مينگل ۽ بلوچستان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ دودوديشي جو  اڄ ٽيهجي ۾ چيو ته  عطاءُ الله مينگل جو وڇوڙو بلوچستان  سميت سڄي ملڪ جي مظلوم قومن جو نقصان سمجهون ٿا. پاڻ سڄي زندگي شاندار جدوجهد ڪندا رهيا هڪ عظيم قوم پرست اڳواڻ اسان کان جدا ٿي ويو آهي جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي گهٽ آهي. ملڪ ۽ خصوصن بلوچستان جي سياست ۾ سندس خال هميشه محسوس ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.