بلاول لاڙڪاڻي جو چونڊيل نه ٿا ٿاڦيل ايم اين اي آهي: ناصر سومرو

پنو عاقل ( ت ر ) پنو عاقل ۾ مولانا ناصر خالد محمود سومرو  جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سکر جي  اجلاس کي خطاب ڪرڻ بعد بائيجي چوڪ پريس آفيس ۾ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر نور محمد سومرو وٽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي جو  چونڊيل نه پر ٿاڦيل ايم اين اي آھي، ھن چيو ته جيڪو ماڻھون پنھنجي سيٽ بچائي نٿو سگھي ته اھو ملڪ ۽ پارٽي ڪئين ھلائي سگھندو،ناصر محمود سومرو چيو ته مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ پي ڊي ايم ھڪ مضبوط اتحاد آھي،جيڪو جلد ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت بحال ڪري عمران نيازي سميت لوٽن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو، جمعيت علماءِ اسلام ملڪ جي حقيقي اسلامي ۽ جمھوري قوت رکندڙ جماعت آھي، ھن چيو ته پي ڊي ايم پاڪستان ۾ مضبط اتحاد ٿي چڪو آھي، جنھن ڪري ڪيترائي مخالف اڳواڻ بوخلاھٽ جو شڪار ٿي ويا آھن،ھن سان گڏ جي يو آءِ تعلقه امير مولانا غلام الله ھاليجوي،مولانا عبدالغفور ڀٽو،ميان فضل الله سومرو، نور عالم ڊکڻ، گلشن مھر ۽ ٻيا ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.