ڳڙهي حسن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، هارين جو ٻئي ڏينهن به احتجاج

ڳڙهي حسن ( رپورٽ: پرويز سرڪي ) ڳڙهي حسن ڊسٽري هيئرو شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ وري برقرار ڪرڻ جي سازش  اي سي سکر اسحاق عباسي پاران پاڻي کي وڪرو ڪرڻ لاءَ  دلال ميدان ۾ لاهي ڇڏيا ڳڙهي حسن جي هارين کي ٻن ڏينهن ۾ پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي بعد هاري ميدان ۾ نڪري آيا ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ جٿي مظاهرين علي مراد ڪنراڻي، شهزادو نصيراڻي. ايم بي ڪنراڻي. ڏاڏو ڪنراڻي. علي جان ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته چار ڏينهن پاڻي ڏيڻ بعد بند ڪرڻ جي سازش هلي ٿي جيڪا مزمت جوڳو عمل آهي هنن چيو اي سي عباسي صاحب ڳڙهي حسن جو فصل تباھ برباد ڪري ڇڏيو اسان ڪروڙين روپين جي وياج جي هيٺ اچي ويا آهيون پر پاڻي ٻه ڏينهن بعد ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو هنن چيو ته پاڻي بند ڪيو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪبو ۽ اي سي انجينئر جي گهرن جو گهراءُ ڪيو ويندو هنن مطالبو ڪندي وفاق حڪومت سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته خدارا نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.