هائبرڊ وار کي منهن ڏئي رهيا آهيون: صدر علوي

اسلام آباد (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 6 سيپٽمبر تي اسان جو دفاع جو ڏهاڙو شهيدن، اسان جي تاريخ ۾ ان جرئت ۽ هادري، حب الوطني ۽ فرض سان لڳاءُ جي علامت آهي جنهن جو مظاهرو اسان جي بهادر قوم ۽ فوج ڪيو هو. ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج پوري قوم جي مدد سان دشمن کي هر محاذ تي شڪست ڏني. صدر چيو ته آئون انهن سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن وطن جي دفاع جي لاءِ جرئت ۽ بهادري جو بي مثال مظاهرو ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي خلاف ڇيڙيل هائبرڊ وار کي چڱي ريت منهن ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته اسان ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف کان ڪڏهن به پٺتي نه هٽنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.