حيدرآباد ۾ پلاٽ تان يونيورسٽي انتظاميا ۽ ملازم جي پٽن ۾ تڪرار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس گاڏي کاتي ۾ گهر جي اڏاوت جي معاملي تان يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ يونيورسٽي جي اڳوڻي ملازم جي اولاد وچ ۾ تڪرار پيدا ٿي پيو آهي. جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا گهر جي اڏاوت جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي جي هڪ اڳوڻي وائيس چانسلر اولڊ ڪئمپس جي خالي زمين تي گهر تعمير ڪرائي ملازمن حوالي ڪيا هئا. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ هڪ ملازم عبدالحڪيم کي به ان علائقي ۾ گهر ڏنو ويو هو. اهو گهر زبون حال ٿيڻ جي ڪري فوتي ملازم عبدالحڪيم جي اولاد ان کي ڊاهي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته يونيورسٽي انتظاميا جي ماڻهن پهچي اهو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو. يونيورسٽي جا زمينن بابت معاملا ڏسندڙ اڳوڻي روينيو عملدار محمد عثمان منگي ٻڌايو ته يونيورسٽي جو ملازم عبدالحڪيم ۽ سندس گهرواري فوت ٿي چڪي آهي. هاڻي سندس اولاد مان سعيد احمد شيخ نالي شخص گهر ڊهرائي ٻيهر تعمير ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. معاهدي مطابق گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي اسٽريڪچر ڊاهي اڏاوت ڪرائڻ جو اختيار حاصل نه آهي ڇاڪاڻ ته اهي گهر صرف ان بنياد تي ڏنا ويا هئا ته جيستائين ملازم نوڪري ۾ آهي تيستائين هو ان ۾ رهي سگهندو ۽ جڏهن اڏاوت کي ڊاٺو ويندو ته اها ايراضي خود به خود يونيورسٽي جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي. هن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري نقشو پاس ڪرايو جڏهن ته ان ايراضي جو اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي سان ڪو به تعلق نه آهي ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪيس اڳ ئي يونيورسٽي کٽي چڪي آهي. هن چيو ته يونيورسٽي جي ايراضي تي ڪو به اهڙو ماڻهو اڏاوت نٿو ڪرائي سگهي جيڪو يونيورسٽي جو ملازم نه هجي ۽ پنهنجي والدين کي الاٽ ٿيل گهر ۾ رهندو هجي. هوڏانهن ان تڪرار جي ڪري علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيل هئي. جنهن سبب ڪنهن به وقت جهيڙي جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.