ٽنڊي آدم ۾ ياري نه رکڻ تي کدڙي تي تشدد

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم جي سوجي ميل ڀرسان ياري نه رکڻ تي جوابدار پاران چاندني کدڙي فقير کي وچ شھر ۾ تشدد جو نشانو بڻايو کيس وارن مان وٺي گهليو جنهن دوران ھن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا جنھن کي ماڻھن وچ ۾ پئي ڇڏايو واقعي خلاف سٽي ٿاڻي تي جوابدار عامر شورو خلاف اين سي داخل ڪئي آهي ان سسلي ۾ کدڙي فقير چاندني پريس ڪلب پھچي دانھيو ته جوابدار عامر شورو چنگچي ڊرائيور پروگرامن تي کڻي ويندو آهي اھو ياري رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رھي ٿو منھجا ھن ڏانھن قرض جا 30ھزار روپيه آھن اھي به نٿو ڏي ھن ٻڌايو ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ موبائل ۾ پيٽرول لاءِ پيسن جي گھر ڪئي مون وٽ  زھر کائڻ لاءِ پيسا ناھن ته پوليس کي ڪٿان ڏيان ھن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.